مبارڪپور لڳ برسات متاثر نوجوان ڪرنٽ ۾ فوت

ميرپورٻرڙو ( ن ع آ) مبارڪپور  ڀرسان ڳوٺ پيارو مهر جو رهواسي نوجوان 18 ورهين جو خان منگي برسات متاثر  ڪئمپن ۾ ويٺل هو جيڪو پنهنجي ڀيڻ جي  گهر جي بجلي ٺاھيندي بجلي بورڊ مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ڪري پيو جنھن کي مبارڪپور اسپتال آندو ويو جتي  موجود ڊاڪٽر پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي نوجوان جو مڙھ آندو ويو مڙھ گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ياد رھي ته نوجوان جو والد ۽ امڙ ھي جھان ڇڏي ويا آھن سندس ڏاڏي سندن سار سنڀال ڪندي ھئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.