ٽنڊي الهيار ۾وظيفي مان ڪٽوتيون، انتظاميا خاموش، عورتن جو احتجاج

ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري)ٽنڊي الهيار ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هلندڙ 25 هزار واري قسط ۾ مين فرنچائيزر جي ملڳي ڀڳت سان ڊوائيز هولڊر ايجنٽ ذريعي پري پري کان آيل ٻوڏ متاثر غريب مستحق عورتن جي پئسن مان 2 هزار کان 3 هزار تائين ڪٽوتي ڪري رهيا آهن ان سلسلي ۾ مليل اطلاع موجب ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ بينظير انڪم سپورٽ ذريعي ٻوڏ متاثرن جي سائتا لاء 12 سينٽر  کوليا ويا آهن جتي پهرين ڏينهن کان ئي فرنچائزر جي ملي ڀڳت سان ايجنٽ ذريعي ڪٽوتي ڪري رهيا آهن ياد رهي ته ٽنڊوالهيار پوليس ڪجه ڏينهن اڳ به ڊوائيز هولڊرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو جڏهن ته گذريل ڏينهن پوليس طرفان ڊوائيز هولڊر ۽ سندس ايجنٽ کي مستحق عورت جي دانهن تي گرفتار ڪرڻ بعد ڊوائيز هولڊرن پاڻ مرادو هڙتال ڪري ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي ڊوائيز هولڊرن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب پري پري کان آيل سوين غريب مستحق عورتون سخت گرمي ۾ بکون ڪاٽي پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن مختلف علائقن کان آيل عورتن دانهيندي چيو ته اسان پري پري کان ڪرايا ڀاڙا ڪري هتي اچون ٿا اسان جا برسات سبب گهر ڍهي ويا اسان تمام گهڻا پريشان آهيون پر ڊوائيز هولڊر سڄو سڄو ڏينهن بيهاريو بيٺا آهن هي پئسا صرف انهن جا ڪڍي ڏيندا آهن جيڪي هنن کي 2 هزار روپيا ڪٽوتي لاءِ راضي ٿين ٿا ڊوائيز هولڊرن جا ايجنٽ بيٺل آهن جيڪي من پسند عورتون وٺي اچن ٿا پر ڪنهن غريب جي مدد نٿا ڪن هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ڊوائيز هولڊرن خلاف ڪاروائي ڪري ڪٽوتي جو سلسلو ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.