نه راشن نه پئسا، رڳو پاڻي نيڪال ڪرايو:ساماري جي سوين ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

سامارو (رپورٽ:ڪيول سورماڻي)سامارو جي ٻڏي ويل ديهھ شاخ سامارو جي ڳوٺن حنيف آباد،  دوست محمد ڀرڳڙي، وارث ڀرڳڙي.راوت شاھاڻي، عمردين ڀنڀرو، قاضي غلام محمد رند ۽ غلام نبي قائم خاني سميت 70 کان مٿي ڳوٺن جي سوين  ماڻھن پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ ڄونڊيل نمائندن پاران سار نه لھڻ تي صالح ڀنڀرو اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سامارو کان پٿورو ويندڙ مين روڊ بند ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن  لطيف  الھبخش رند،  محمد ڀرڳڙي، غلام نبي قائم خاني، ڪرشن ڀيل، منگل اوڏ، سڪندر  ڀرڳڙي، پوپٽ. رند، راجو رند ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ھڪ مھيني کان وڌيڪ وقت گذري ويو آھي، اسان جي ڳوٺن ۾ 4 کان 5 فٽ پاڻي بيٺل آھي، جنھن ڪري گھر ڊھي پيا  پر انتظاميا پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ  تيار ناهي. ھنن چيو ته هو ٻارن ٻچن سميت روڊن رستن تي کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، اسپاس ۾ موجود پاڻي جي ڪري ٻار مختلف بيمارين  مليريا. گيسٽرو. ڊائريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا  آھن، اسڪولن ۾ پاڻي ھجڻ ڪري ٻارن جي تعليم کان محروم آھن پر انتظاميا توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن اسان جي سار ناھي لڌي. نه ئي ڪا ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته اسان کي ڪجهھ به ڪو نه ٿو کپي، صرف اسان جي ڳوٺن ۽ گھرن مان  پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن اسان پنھنجن گھرن ڏانھن  منتقل ٿي سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.