خيرپور ۾گيسٽرو جا راڱا،ڏيڊ سئو مريض اسپتال ۾ داخل

خيرپور (رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي برسات بعد پاڻي بيهڻ ۽ متاثرن کي پيئڻ جو مٺو پاڻي بيهڻ سبب ڏيڍ سو کان وڌيڪ مريضن کي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي سرڪاري اسپتالن ۾ منتقل ٿيل مريضن ۾ عثمان علي، معاويه، فقير محمد، زينب، عباس، شڪيلا، شاهزيب، علي حمزا، ثمينا، اقرا، گلناز، سرفراز، زويا، محمد علي، علي شاهه، شاهزيب ۽ ٻيا شامل آهن مريضن جي وارثن جو مطالبو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر علاج ۽ سهولتن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.