ٽنڊي الهيار سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)ٽنڊي الهيار جي سي آئي اي پوليس خوفيا اطلاع تي ٽنڊوآدم روڊ تي ٽي وي بوسٽر وٽ ڪاروائي ڪري ٻن جوابدارن صادق علي ۽ نجيب الله کي ڪرولا ڪار سميت گرفتار ڪري سندن قبضي مان 20 ڪٽا سفينا گهٽڪا هٿ ڪري ٻنهين جوابدارن مٿان عمرسانڌ ٿاڻي تي 8/1 ايس پي پي ايم ايس ايس تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ڊي ايس پي سي آئي اي اسلم لانگاه موجب مذڪوره جوابدار سفينا گهٽڪا ٽنڊوآدم کڻي وڃي رهيا هئا ته ڪاروائي ڪئي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي جون سخت هدايتون آهن منشيات فروش ڪيڏا به بااثر ڇو نه هجن ڪنهن کي به منشيات جو ڪڌو ڪاروبار ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

روهڙي لڳ پوليس جا آڪڙا پرچي جي اڏن تي ڇاپا، ڪيترائي گرفتار

سکر (رپورٽر ) روهڙي پوليس اسٽيشن جي چارج ملندي ئي ايس ايڇ او ثناءُ  الله کونهاري پاران آڪڙا پرچي جي اڏي تي چاپو هڻي جوارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان ڏس ۾ ايس ايڇ او روهڙي پوليس پارٽي سان گڏ روهڙي جي مڇي مارڪيٽ ۾ قائم آڪڙا پرچي جي دڪان تي چاپو هڻي پرچيون ڪٽرائيندڙ جوارين کي آڪڙا پرچي جي مالڪ عرفان علي شيخ، عمران شيخ، معظم سولنگي، نديم ميراڻي ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اڏي تان 7هزر روپيا ڪيش جوا جون گيمون هٿ ڪري ورتيون آهن ان ڏس ۾ ايڇ او ٻڌايو ته آڪڙا پرچي جي ڪڌي ڪاروبار کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جاري رهندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.