غازي ڳوٺ واسين جو انصاف لاءِ 57هين ڏينهن به احتجاج

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي عبدالله شاھه غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رھواسين طرفان بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف 57 ڏينھن بـ قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي احتجاج قائم ڪندي بلڊر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رھواسين ۽ سماجي اڳواڻن جنھن ۾ اعجاز سامٽيو محبوب عباسي ڊاڪٽر الطاف ميمڻ شبير پٺاڻ گل حسن گوپانگ ۽ ٻين چيو تـ بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري غازي ڳوٺ جي قديمي رھائش پذير رھواسين جا اجھا مسمار ڪري انھن کي بي گھر ڪري ڇڏيو آھي پوليس جي کلي نموني ڪيل دھشتگردي سبب غازي ڳوٺ جي نياڻين مٿان فائرنگ شيل فائر ڪري انھن ڍي زخمي ڪيو ويو مگر سنڌ سرڪار اڃان تائين خاموش بڻيل آھي جيڪا اسان سان انصاف ڪرڻ لاء سنجيدا ناھي جڏھن تـ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي حڪم تي ٿيندڙ جاچ کي گھرو سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو سرد خاني حوالي ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو تـ اسان سان انصاف ڪري بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان پر امن احتجاج انصاف جي حاصلات تائين جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.