ٽنڊي آدم ۾ نافرمان پٽن پيرسن پيءُ تي تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو

ٽنڊوآدم(ن ع آ)ٽنڊي آدم جوهرآباد جي ڊبل سنگل جي رھواسي پيرسن عبدالرزاق تي سندس پٽن مبينا طور گھر قبضو ڪرڻ لاءِ تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو ان سلسلي ۾ پيرسن صحافين وٽ پھچي پٽن عمران ۽ عرفان خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته گھر منھنجو آھي ۽ منھنجي ڀيڻ جي ملڪيت آھي  ٻنھي پٽن گھر تي قبضي لاءِ مونکي مار ڪٽ ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو آھي ھاڻي دربدر آھيان ھن اختيارن کان انصاف جي گھر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.