دريا خان مري لڳ برسات بعد، فصل تباهه، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ ڪھڪاٽ مڪمل طور تي برسات جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو اچ وڃ لاءِ روڊ رستا توڙي فصل مڪمل طور پاڻي جي لپيٽ ۾ ھجڻ ڪري ھزارين رھواسي سخت پريشان حال بڻيل ڳوٺ جي معزز نواز علي لاشاري، عبدالقادر لاشاري، ارشد لاشاري، عبدالرشيد لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته مٿان کان زمينن جو پاڻي ڳوٺن ڏانھن نيڪال ڪرڻ سبب ڳوٺ ڪھڪاٽ ڳوٺ فتح خان لاشاري، ڳوٺ ارباب لاشاري، ڳوٺ قادر بخش لاشاري سميت سوين ڳوٺ برسات جي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن برسات جي  پاڻي سبب مختلف ڳوٺن جا رھواسي لڏ پلاڻ ڪري کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڳوٺ ڪھڪاٽ سميت سوين ڳوٺن جي ھزارين رھواسين کي ٽينٽ راشن مڇر دانيون ڏنيون وڃن ۽ علائقي ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.