ڪلوئي ۾ برسات جون تباهڪاريون جاري، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

ڪلوئي (ن ع آ) ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ستون ميل سنتورو بازار ونگو ڪلوئي ڀٽارو ۾ هيلوڪي تيز وسڪاري وڏي پئماني تي نقصان ڪيو آهي جنهن ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن ۾ مرچ ڦٽي گدرو سبزيون تباهه ٿي ويون آهن جڏهن ته مقامي آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پئجي ويو آهي هوڏانهن تيز برساتن کان پوءِ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ڪيترائي گهر ڪري پٽ پئجي ويا آهن سنڌ سرڪار پاران هنگامي بنيادن تي ڪلوئي ڀٽارو ڦانٽ فارم سميت ڪل نو يونين ڪائونسلن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي پر هن محل تائين ضلعي انتظاميا پاران ڪنهن به يوسي ۾ نه ڪو ٽينٽ ڏنو ويو آهي نه وري ڪٿي ڪنهن کي مڇر دانيون يا راشن ڏنو ويو آهي جنهن ڪري هزارين ٻوڏ سٽيل ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهن پر سرڪار طرفان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه پيو ڪيو وڃي هتي جي رهواسين ممتاز کوسو رام جي ميگھواڙ ڀگرو ڀيل ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي هن محل تائين ڪنهن به قسم جي سنڌ حڪومت مدد نه ڪئي آهي نه ڪا اسان جي سار سنڀال لٿي آهي هنن چيو ته اسان سنڌ سرڪار ۽ وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري هن هنگامي بنيادن تي ڪلوئي تعلقي ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪري ماڻهن کي ريلف ڏئي کين وڌيڪ مشڪلاتن کان بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ هتي وڏو الميو جنم وٺي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.