شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، لا ڪاليجز جا امتحان ڪڏهن وٺندي؟

سرتاج حيدر شر

يونيورسٽي سان ايفليٽيڊ لا ڪاليجز ۾ پڙھندڙ شاگردن جا پيپر پنجن سالن واري ڊگري ستن سالن تائين به پوري نه ٿي سگهي.شاگردن جا خواب اڌروا رھجي ويا ، ۽ ڪيترائي شاگرد بيروزگار  پنھنجي زندگيءَ مشڪل حالتن ۾ گذاري رھيا آھن ،  شاگردن جا والدين جي به تنگ ٿي ويا آھن ،

يونيورسٽي جو وي سي ، ۽ رجسٽرار به آشيرواد سان مقرر ٿيل آهن ، جڏھن ته يونيورسٽي ھر سال جي فيس به تمام ڳوري رقم ۾ جمع پيا ڪرائن ان جي باوجود ، ڪوئي به قدم نه پيو کنيو وڃي ، ھڪ ته لاڪاليجز  ۾ پڙھائي به ڏھ سيڪڙو به نه پئي ٿئي ، شاگرد تنگ ٿي ڪري ڊگريون ڇڏي ، روزگار جي ڳولا ڪري رھيا آھن ،

ڪراچي جي ڀيٽ ۾ ٻين ڊويزن جون ڪاليجون ٻه کان ٽي سال دير سان ڊگريون ڏين ٿا ، فائنل جا پيپر وٺڻ کان بعد ۾ يونيورسٽي ٻن مھيني جي اندر رزلٽ ڏيڻ بدران ٽن سالن جي مدي ۾ به نه ٿي ڏئي سگهي ،  ڪاليجز جي انتظاميه بلڪل خاموش آهي لا ڪاليج جي انتظاميا پڻ ان معاملي ۾ ڪائي دلچسپي نه پئي ڏيکاري ۽ ان کانپوءِ بار ڪائونسل به اھڙن معاملن ۾ بي خبر آھي .

جڏھن ته عدليه جو ڪوئي به خاص تعاون ناھي ، پھرين سال جا پيپر ٻن سالن جي مد ۾ پيا ٿين ، ڊگري جي ھڪ سال جو مدو ٻن سالن ۾ پورو ڪيو وڃي ، ايتري قدر جو پنج سال واري ڊگري ڏھ سال جي مدي ۾ پوري ڪري سگھن ٿا ،  ھر سال يونيورسٽي مختلف بھانا ڪري ڪوئي عمل نه پئي ڪري ، شاگردن جي آواز اٿارڻ تي يونيورسٽي باھ ٿئي پئي ، ڪيترن ئي شاگردن کي آخري سال جي امتحان ۾ فيل ڪري ٻه کان ٽي سال رلايو ٿو وڃي ،

ھن وقت بيچلر ڊگري جا شاگرد  ڊگري نه ملڻ ڪري ، ٻه ٽنگا ڦاسي پيا آھن ، ڇو ته نه ھو ڪنھن به اداري ۾ اپلاءِ ڪرڻ لا اھل نه آھن ڇو ته انھن جي ايتري اھليت ئي ناھي ۽ شاگرد ڪنھن به پرائيويٽ توڙي سرڪاري اداري ۾ به اپلاءِ نه ٿا ڪري سگھن ، ھزارين شاگردن جو ساھ ٽنگيل آھي .

ڪئمپ ۾ جنم وٺندڙ سنڌو ۽ دعا جي خوشين جا منظر

خوشيون ۽ غم ته هميشه انسانن سان سلهاڙيل رهيا آهن.سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات ۾ دربدر ماڻهن جي زندگي جي اڱڻ تي خوشيون ليئا پائي رهيون آهن.ڦلجي اسٽيشن جي ڪئمپس اسڪول ۾ متاثرين لاءِ  ڪئمپ قائم ڪئي وئي،  جتي ويهارو کن گهر رهيل آهن.هن ڪئمپ ۾ ٻن عورتن جي اوچتو ڊليوري ٿي،انهن عورتن کي سماجي ورڪرن رات جو دادو جي پرائويٽ اسپتال پهچايو.اسپتال جو خرچ ڦلجي شهر جي نيڪ نوجوان ادا ڪيو،هن کان اڳ هو نوجوان هن ڪئمپ کانسواءِ ٻين ڪئمپن ۾ پڻ ٻه ويلا ماني جو بندوبست ڪيو.مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ اهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي جتي جي سماجي ورڪرن معززين جي مدد سان ٻوڏ متاثرين جي واهر ڪئي آهي.

هن ڪئمپ ۾ هتان جي سماجي ورڪرن ٻن نياڻين سنڌو ۽ دعا جي ڇٺي جو بندوبست ڪري متاثرين جي دل کٽي ورتي آهي. پروگرام ۾ دهل شرنايون،ڳائڻ وڄائڻ ۽ سنڌي رسمون ٿيون.پروگرام ۾ شهر جي معززين،استادن ۽ سماجي ورڪرن کي دعوت ڏني وئي.سنڌو ۽ دعا کي ڪپڙا ۽ تحفا پڻ ڏنا ويا ان موقعي تي کين تيار ڪيو ويو نه فقط اهو پر سندن مائرن کي پئسن جا هار ۽ تحفا پڻ ڏنا ويا.هن ننڍڙي پروگرام ۾ سڀني ڪئمپن جا متاثرين شامل ٿيا.ڪجهه گهڙين لاءِ  انهن کان پنهنجا اهنج وسري ويا ۽ پروگرام کي چار چنڊ لڳي ويا.  هن سورن واري سنڌ ۾ هي ننڍڙي خوشِي ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هئي.جڏهن منهنجي نظر ٻوڏ متاثرين جي ٻارڙن تي پئي جيڪي ڇٺي لاءِ  تيار ٿيا هئا انهن جا چهرا ٻهڪي رهيا هئا ۽ هو ڪجه وقت لاءِ  پنهنجا سور وساري ويٺا هئا.   اهڙا موقعا پوري انسانيت ڏانهن محبتن جو پيغام ڏئي رهيا آهن ته توهان به اچو ۽ هن خير ۽ خوشي جي ڪم ۾ حصو وٺو.اهڙا مثالي ڪم فرشتا ئي ڪري سگهن ٿا.

 آخوند نوراحمد ڏهوٽ/ڦلجي اسٽيشن

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.