سياسي اختلافن وگهي تعلقي مٽياري جو عوام عذاب ۾ اچي ويو

سڪندر ساهووال

اسان ان ملڪ ۾ رهون ٿا، جتي ڏکئي وقت ۾ حڪومت عوام مان هٿ ڪڍي ڇڏي ٿي، جيئن تازين برساتن ۾غريب ماڻهن جا ڪچا ۽ ڪکاوان گهر ڊهي پيا آهن ۽ شديد برساتن جي ڪري هن مهل به گوڏي جيڏو پاڻي گهرن ۾ موجود آهي، شديد برساتن سبب سمورا فصل تباهه ٿي ويا آهن، ماڻهو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. سنڌ حڪومت وٽ ڪابه اهليت نه رهي آهي، وزير مشير ۽ ڪامورا صرف ڪرپشن جي چڪر ۾ آهن ته ڪرپشن جو گس ڪيئن ٺاهجي،

جيڪڏهن ضلعي مٽياري جي ڳالهه ڪجي ته مٽياري ضلعو برسات سبب سخت متاثر ٿيو آهي، پاڻي ئي پاڻي جا نظارا آهن، هزارين ڪچا ۽ ڪکاوان گهر ڊهي پيا آهن ۽ هزارين ماڻهو بي يارو مددگار ٿي ويا آهن. روزگار نه هجڻ سبب عوام سخت پريشان ٿي چڪو آهي، ضلعي مٽياري ۾ هن وقت به هزارين ماڻهو برسات جي وچ ۾ رهي مختلف بيمارين کي دعوتون ڏئي رهيا آهن، ضلعي انتظاميا مٽياري هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي.

ضلعي مٽياري مان چونڊيل نمائندن جي ذاتي رنجشن جو شڪار عوام ٿي رهيو آهي، اندروني ڪهاڻي اها آهي ته هالا جي مخدومن جا اختلاف چوٽ تي چڙهي ويا آهن، انهن اختلافن جو ضلعي مٽياري جي عوام کي ثمر ڏنو پيو وڃي. مخدوم جميل ۽ مخدوم رفيق جا اختلاف 2008 کان هلندڙ آهن جيڪي هن مها برسات ۾ کلي سامهون اچي ويا آهن.

تازين برساتن سبب ضلعي مٽياري جوعوام سخت متاثر ٿيو آهي، انهن کي هن وقت تائين سرڪار پاران ڪا به امداد نه پهتي آهي، ماڻهو بي يارو مددگار سرڪاري عمارتن، واهن ۽ شاخن جي ڪپن تي بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، سنڌ حڪومت پاران مليل ڪجهه امداد پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ورهائي وئي، جنهن ڪري ناپسند عوام اڄ به ان امداد لاءِ دانهون ڪري رهيو آهي، خانداني رنجشن سبب ضلعي مٽياري جو تعلقو مٽياري تمام گهڻو مٽاثر ٿيو آهي.

هن تعلقي کي ڪابه امداد نه ملي آهي، ڪابه سروي نه ٿي آهي، تعلقي جي يونين ڪائونسلن ۾ هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ماڻهن وٽ کائڻ جو هڪ ويلو ناهي. انهن وٽ دوائون خريد ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچيو. زميندارن جا فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، هاري ناري سخت پريشان آهي. ڪجهه سرندي وارا پنهنجي مدد پاڻ تحت هتان جي برسات متاثرن جي ٿوري گهڻي واهر ڪري رهيا آهن، پر چونڊيل نمائندن طرفان برسات متاثرن جي ڪابه واهر نه ٿي آهي. جڏهن ته خبرون اهي به آهن ته تعلقي مٽياري مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان کي سنڌ حڪومت هڪ رپئي جي به امداد ورهائڻ لاءِ نه ڏني آهي ۽ اها به خبر ملي آهي ته ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ۽ سندس پٽن پاڻ ۾ چندو ڪري 15 لک رپيا گڏ ڪيا هئا، جن مان ڪجهه ڏينهن تائين تيار ٿيل ماني برسات  متاثرن جي  ڪيمپن تائين پهچائي وئي ۽ ڪجهه امدادي راشن به ڏنو. جڏهن کان برسات پئي آهي هتان چونڊيل ايم پي اي مخدوم رفيق زمان شايد هڪ ڀيرو علائقي جو مٿاڇرو دورو ڪري هليو ويو آهي.

ڊاڪٽر مخدوم رفيق جي  لابي جي ماڻهوءَ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت مخدوم رفيق کي هڪ رپئي جي امداد ورهائڻ لاءِ ناهي ڏني، جيڪو ڪجهه ملي رهيو آهي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان کي. جيڪڏهن ڳالهه ڪجي مخدوم جميل الزمان جي گروپ جي ته ان جو گروپ هن وقت فل پاور ۾ آهي، روينيو وارو صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان مخدوم جميل جو پٽ آهي. ان کان اڳ مٽياري جي ڊي سي مرتضيٰ علي شاهه کي پڻ مخدوم جميل هٽائي پنهنجي پسند جي ڊي سي محمد عدنان رشيد کي مقرر ڪرايو ويو آهي. جيڪو پڻ مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر ممتاز شاهه جي حڪمن کي فالو ڪري ٿو ۽ ممتاز شاهه وري مخدوم جميل الزمان ۽ سندس پٽ محبوب زمان جي حڪمن کي فالو ڪري ٿو، جنهن ڪري هن وقت تعلقي مٽياري جو عوام برسات جي تباهه ڪارين سبب سخت پريشان آهي، هنن وٽ سنڌ حڪومت طرفان ڪابه امداد نه پهتي آهي. سياڻا چئي ويا آهن ته وڙهن سانَ لتاڙجن ٻوڙا، مخدومن جي خانداني رنجشن سبب تعلقي مٽياري جو عوام عذاب هيٺ آهي. هن وقت تائين سرڪاري سطح تي تعلقي مٽياري کي امداد نه ملي آهي، ڪنهن کي ٽينٽ نه مليو آهي، برسات متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن. لڳي ايئن ٿو ته تعلقي مٽياري کي فتح ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ امداد سان وڏيرن جون اوطاقون اڄ به ڀريل آهن، پر ڪنهن برسات متاثر کي ڏيڻ گوارا نٿا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.