پاڻي جي لنگهن تي قبضا، هڪ سنگين مسئلو

غلام حسين جوڻو

ماضي ۾ جهاتي پائبي ته معلوم ٿيندو ، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي خطرناڪ ٻوڏون ٿي گذريون آهن ۽ برساتون پڻ پيون آهن. جنهن ڪري ملڪيتن کي وڏو نقصان ٿيو ۽ تباهي ۽ بربادي آئي.سڄو ملڪ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. تڏهن پاڻي ڪڍڻ جو مشينون به ڪونه هونديون هيون. تنهن هوندي به پاڻي ٿوري عرصي اندر وهي ويندو هو ۽ حالتون ٺيڪ ٿي وينديون هيون. حڪومت توڙي عوام لاءِ ڪو مسئلو پيدا ڪونه ٿيندو هو. ان جو سبب اهو هو ته ، ان وقت هر شهر ۽ ڳوٺ جي ڀرسان پاڻي جا قدرتي لنگهه ٺهيل هئا. سمورو پاڻي انهن لنگهن مان وهي وڃي درياهه ۾ پوندو هو. انهن قدرتي لنگهن جي ذريعي پاڻي جا تيز وهڪرا وڃي پنهنجي منزل تي پهچندا هئا. ڪو به ماڻهو شڪايت ڪونه ڪندو هو. ماڻهن جا گهر پاڻي ۾ ٻڏندا ۽ ڪرندا ڪونه هئا ۽ نه وري ڪو ايڏو مالي يا جاني نقصان پڻ ٿيندو هو. مطلب ته ڪا به قدرتي آفت ۽ مصيبت ايندي هئي ته اها ٽري وڃڻ ۾ به دير ڪونه ڪندي هئي. اهو ، پاڻي جي نيڪال لاءِ قدرتي رستن مان فائدو ٿيندو هو.

جيئن ئي سنڌ جي ماڻهن قدرتي لنگهن سان هٿ چراند شروع ڪئي ۽ پاڻي جي وهڪرن جي گسن ۽  پيچرن تي قبضا ڪرڻ جو رواج وڌو. ڪيترن ئي ماڻهن انهن لنگهن کي ڊاهي پنهنجي زمين سان ملائي ڇڏيو. ڪيترن وري لنگهن کي بند ڏيئي زرعي فصل ڪاهڻ شروع ڪيا. اهڙي طرح ٿوري وقت ۾، بااثر آبادگارن ۽ زميندارن گهٽ ڪونه ڪئي ۽ مذڪوره لنگهن جا مالڪ ٿي ويهي رهيا. پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهڻ لڳا. حالانڪه اهي لنگهه ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت ڪونه آهن. ياد رهي ته ، اسان وٽ اهڙيون کوڙ سرڪاري جاگيرون ۽ ملڪيتون آهن. جن تي قبضا ٿي چڪا آهن ۽ رياست جا حڪمران به انهن بااثرن کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. جنهن ڪري انهن جو ڪو به نالو وٺڻ وارو ڪونه آهي. هو، پنهنجي ڏاڍ تي غير قانوني والار ڪرڻ ۾ ڪامياب و ڪامران ٿيو وڃن. پوءِ ڀلي عوام جو ڪيترو به نقصان ٿئي. ڪيتري به تباهي اچي ۽ سڄو ملڪ برباد ٿي وڃي ته مڙئي خير آهي. قبضا ڪندڙ بااثرن کي ڪا به پرواهه ڪونه هوندي آهي.

پر، جڏهن ڄاڻايل گهيڙن تي قبضا ڪيا ويا تڏهن برساتي پاڻي جو نيڪال بند ٿي ويو. پاڻي نه نڪرڻ جي ڪري ڪن هنڌن تي گهر ڪري پٽ پئجي ويا. چوپايو مال مرڻ لڳو. گهرو سازو سامان ۽ اناج پاڻي ۾ لڙهي ويو. پاڻي ڪيترن ڏينهن تائين بيٺورهيو. جنهن ڪري زرعي فصلن کي نقصان ٿيو. فصلن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري اهي سڙي ختم ٿي ويا. اهڙو حشر مون خود 2010.11 وارين برساتن ۾ ڏٺو. ان وقت پشاور مان ٻه اسڪائوٽس وفد سنڌ ۾ آيل هئا. هڪڙي وفد جو نالو “خيبر ڪور” ۽ ٻئي جو نالو “لالا زار اسڪائوٽ اوپن گروپ” هئا. اهي سنڌ ۾ آيا. مون ، ٻنهي وفدن سان گڏجي برسات متاثرين جي سروي ڪرائي. آئون سمجهان ٿو ته ، ان وقت ڪن هنڌن تي پاڻي جا لنگهه موجود هئا. جتان پاڻي وهندو رهيو ٿي.ڪن بااثرن عوام جو نقصان ڏسي قبضي ڪيل ايراضي تان بند ٽوڙي ڇڏيا ته جيئن پاڻي نڪري وڃي ۽ عوام جو وڌيڪ نقصان نه ٿئي. ان وقت هڪ ٻئي جي احساس جو جذبو موجود هو.

جڏهن اها حالت هئي تڏهن به سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت هئي. هن وقت به ساڳئي پارٽي کي اقتدار حاصل آهي. ايتري عرصي دوران اهي گهٽ ، گهيڙ ۽ لنگهه درست ڪرائي ڪونه سگهي آهي. ان معاملي ۾ اها مڪمل طرح ناڪامياب ٿي ويئي آهي. حالانڪ ان ڏس ۾ ، هر سال بجيٽ به رکي وڃي ٿي. پر، خبر ناهي ته اها ڪير ۽ ڪٿي استعمال ڪري ٿو. اهي پئسا ڪنهن جي کيسي ۾ هليا وڃن ٿا. ان متعلق ڪابه ڄاڻ ڪونه اٿئون. هن وقت ڪرپشن جو دور آهي. حڪومت جا سمورا وزير ۽ مشير پئسن ميڙڻ جي ڪم ۾ لڳا پيا آهن. بيان ڪيل رقم جو صحيح نموني استعمال نه ٿيڻ ڪري. 2010.11 کان وٺي ڪنهن به بند جي مرمت ڪونه ٿي آهي. ڪنهن به شاخ ، نهر ۽ بئراج جي کاٽي جو ڪم به ڪونه ڪرايو اٿن ۽ ڪنهن به پاڻي جي لنگهه ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. قدرتي پاڻي جي وهڪري جي لنگهن سان هٿ چراند ڪندڙن جي خلاف ڪو قدم ڪونه کنيو پيو وڃي. پر، کين مڪمل ڇوٽ مليل آهي.

هن سال برساتي پاڻي جيڪا تباهي آندي آهي. سا، سڀني جي سامهون آهي. جيڪي نقصان ٿيا آهن. انهن جا منظر ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه آهن. سڄي سنڌ متاثر آهي. حالتون انتهائي سنگين ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪٿي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ته ڪٿي وري چوپايو مال مري رهيو آهي. سڄي سنڌ ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿيون آهن. گيسٽرو ، گئس ، بد هاضمي ، خارش ، بخار ، زڪام ۽ کنگهه وغيره جون تڪليفون عام ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. جانورن ۾ به پراسرار بيماريون پيدا ٿيون آهن. جيڪي تيزي سان پکڙجنديون پيون وڃن. صحت کاتو ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ناقص ڪارڪردگي هئڻ ڪري علاج جون سهولتون ميسر ڪونه آهن. کاڌو خوراڪ جي شين جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. جيڪي شيون ملن پيون تن جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. يعني انتهائي مهانگائي ٿي آهي. جنهن تي ڪو به ضابطو ڪونه آهي. ايئن ٿو محسوس ٿئي ته حڪومت نالي ڪا به شيءِ ڪونه آهي. جنهن ڪري لاقانونيت جنم وٺي پئي.

ياد رهي ته 2010 ع جي تباهه ڪارين کي ڏسي پاڻي جي قدرتي لنگهن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ها ، نهري سرشتي تي نظر رکي وڃي ها. شاخن ، واهن ۽ واٽر ڪورسن جي بندن کي مضبوط ڪيو وڃي ها ته ، سنڌ تباهه ڪونه ٿئي ها. اها ، ٻڏڻ کان بچي سگهي پئي. سم نالن جا ڪپر به مضبوط ڪونه رهيا آهن. برسات جي پاڻي جي قدرتي لنگهه ختم ڪرڻ سان هيڏي وڏي تباهي آئي آهي. درياءَ جي ٻوڏ به پنهنجا ڪرتب ڏيکاريا آهن. بچاءِ بندن جي سنڀال ۽ مرمت نه ڪرڻ ڪري ، اهي به ڪمزور ٿي ويا آهن. چوڻ جو مقصد پاڻي جي نيڪال جو سسٽم نه هئڻ ڪري درياءَ ، واهن ، شاخن ۽ نهرن جي بندن تي پاڻي جو دٻاءَ وڌي ويو. هر وقت خطرو محسوس ٿيو پئي ته ڪٿان به بند ڀڄي سگهي ٿو. حڪمران به ويچارا ايماندار آهن. تن هٿ سان ڪٽ ڏياري ، مخالفن جا فصل ٻوڙايا ۽ پنهنجي پارٽي وارن جا فصل بچايا. اهڙي طرح مخالفن جا ڳوٺ توڙي شهر به ٻوڙائي وڌائون.

هاڻ ، دنيا کي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته سنڌ جو برسات ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان ٿيو آهي دنيا کي واهر ڪرڻ جي اپيل ڪئي  وئي. اتان جيڪا امداد ملندي ، جيڪو سامان ايندو ۽ روڪ رقم ملندي سا ويچارن غريب حڪمرانن جي ڀانڊن ۽ گودامن ۾ محفوظ ڪئي ويندي ته جيئن اها ضايح نه ٿي وڃي. ڪنهن متاثر کي ڪجهه به ڪونه ڏنو ويندو. جيڪڏهن امداد ورهائي ويئي ته اها سياسي بنيادن ۽ اقربا پروي جي آڌار تي ورهائي ويندي.

هٿ سان ڪٽ ڏياري قدرتي لنگهن کي بند ڪرائي عوام لاءِ قيامت نازل ڪئي اٿن ۽ دعويٰ اها ڪئي پئي وڃي ته ، اسان غريب عوام سان گڏ آهيون. انهن جي خدمت ۾ يقين اٿئون. اها ڪوڙي دعويٰ آهي. ان ۾ ڪا به صداقت ۽ سچائي ڪونه آهي. بيان بازي کان اڳتي ڪجهه به نظر ڪونه ٿو اچي. غريب عوام ساڳيو سورن ۾ هوندو. عوام کي ڪيترائي سال لڳي ويندا جو ، هو پنهنجا گهر به مشڪل سان ٺاهي سگهندا. في الحال ته غريب ويچارو سوچين ۾ مستغرق آهي ۽ پريشان حال ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ننڊون ڦٽي ويون اٿن.

هاڻ حڪومت کي گهرجي ته ، ايندڙ وقت ۾ برساتي پاڻي ۽ دريائي ٻوڏ جي خطرن کي نظر ۾ رکي ڪا منصوبا بندي ڪري. ڪو ، پلان تيار ڪري. جيڪڏهن قانون سازي جي ضرورت هجي ته ان حوالي قانون سازي به ڪئي وڃي. سڀ کان پهريائين پاڻي جا گهٽ ، گهيڙ ۽ لنگهه بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ايئن ڪرڻ سان ، مستقبل ۾ ڪيترو به گهڻو پاڻي اچي وڃي ته ، اهو ايترو نقصان ڪونه ڪندو ۽ پنهنجي گس ۽ دڳ سان وهي وڃي درياءَ جي پاڻي سان ملندو. تنهن کان سواءِ نهرن ، واهن ، شاخن ۽ بچاءَ بندن جي ڪپرن کي مضبوط ڪيو وڃي. ڪيترو پاڻي اچي وڃي ته ، انهن تي ايترو دٻاءَ ڪونه پوندو يا حڪومت کي ڪو ڪٽ ڏيارڻ جي ضرورت ڪونه پوندي ايئن ڪرڻ سان حالتون سڀ جلد ئي ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون. ان لاءِ حڪومت کي سچي دل سان فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن وقت جيڪي حالتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. تن ۾ جيڪي اوڻايون ٿيون آهن يا هاڻي ڪيون پيون وڃن تن ڏانهن ڌيان ڏيئي. انهن اوڻاين کي دور ڪرڻ ۾ حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.