سنڌ ۾ افغانين جو قبضو ٿي رهيو آهي، حڪومت خاموش آهي: رياض چانڊيو

ڪراچي(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي چيو آهي ته تازين برساتن ۾ صوبي ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن.

  هن وقت صوبي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو روزانو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري رهيا آهن، ڪٿي به ڪنهن به ٻوڏ متاثر کي ڪا به سرڪاري امداد ناهي ڏني وئي.

صوبي ۾ قدرتي برساتون نه پر مصنوعي برساتن جوتجربو ڪري سنڌ کي ٻوڙيو ويو آهي، هن چيو ته پرڏيهي ملڪن پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي امداد ڏني آهي پر اهو امدادي سامان هن مهل تائين ناهي ملي سگهيو،صوبي ۾ افغانين جو قبضو ٿي رهيو آهي. هن وقت صوبي مان افغانين کي واپس نه ڪيو ويو ته سنڌ سراپا احتجاج ڪندا.

هن چيو ته ڪراچي ۾ به افغاني  پنهنجو جهنڊو سرعام ڦڙڪائي رهيا آهن. پر ڪير ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، افغانين کي نادرا وڏي پئماني تي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن. اهي ڪينسل ڪيا وڃن،سپريم ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪيون ته ملڪ ۾ افغانين کي ڪڍيو وڃي، هن چيو ته هي صوبو افغانين جو ناهي. سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي،اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته افغانين خلاف آواز اٿارين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.