وارهه ۾ ٻوڏ متاثر معصوم ٻارڙي خوراڪ جي کوٽ سبب فوت

وارھ(رپورٽ: منظورقريشي)وارھ ۾ خوراڪ جي ڪمي وڌي وئي ،6سالن جي گلن جهڙي ٻارڙي خوراڪ جي ڪمي سبب فوت،،ٻوڏ ۾ معصومحياتيون کسجڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو .10ڏينهن اندر مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ  23کان وڌي ويو،،پاڻي ۾ ٻڏي ويل ڳوٺ جوڻاڻي واسي 60سالا محمد عرس کرل 72ڪلاڪن ۾ به لاش نه ملي سگهيو جڏهن ته ڳوٺ جانڊاهي مان لڏ پلاڻ ڪري وارهه ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر غفران ڀٽو جي 6 ساله نياڻي سهانا کاڌ خوراڪ جي ڪمي سبب فوت ٿي وئي .روڊ رستا بحال نه ٿيڻ ڪري شھر ۾ کاڌ خوراڪ جي سامان جي کوٽ وڌي وئي ، سرڪاري راشن گهرگهر تائين پهچي نه سگهيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.