ڪراچي ۾ ڊينگي ڪيسن ۾ لڳاتار واڌ، اسپري جون دعوائون مشڪوڪ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڊينگي ۽ مليريا جي ليبارٽري ٽيسٽ جي قيمت گهٽ ڪري ڇڏي، ڊينگي جي تشخيص جي ٽيسٽ جي قيمت 1460 ۽ 3000 مان گهٽ ڪري 850 رپيا ڪئي وئي، جڏهن ته پليٽليٽس ٽيسٽ جي قيمت 430 ۽ 550 رپين مان گهٽ ڪري 250ر پيا ڪئي وئي، مليريا تشخيصي ٽيسٽ جي قيمت 800 ۽ 1300 رپين مان گهٽ ڪري 500 رپيا ڪئي وئي، واضح رهي ته ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڊينگي مريضن جو انگ 30 سيڪڙو وڌي ويو، وڏين اسپتالن ۾ بيڊ گهٽ ٿي پيا، صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ اڱاري تي 161 ۽ اڄ 201 مريض سامهون آيا آهن، هلندڙ مهيني 1300 ماڻهو ڊينگي کان متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته شهر جي 246 يونين ڪائونسلن لاءِ دستياب 60 مان 30 گاڏيون خراب آهن، انتظاميا 4 ضلعن ۾ مڪمل ۽ 3 ۾ 80 سيڪڙو اسپري مهم جي دعويٰ ڪئي آهي، جيو نيوز موجب شهر ۾ اسپري جي ذميواري سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ کي سونپي وئي آهي، جنهن اداري کان شهر صاف نٿو ٿئي اهو ادارو شهر کي مڇرن کان ڪيئن پاڪ ڪندو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.