سوات ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ادريس خان طالبان خلاف مزاحمت جي علامت

پشاور(م ڊ ) سوات جي علائقي برهه بنڊ ۾ بم ڌماڪي واري هنڌ تان وڌيڪ ٽي لاش مليا آهن . سوات پوليس جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ فوتگين جو انگ 10 ٿي ويو آهي . ياد رهي ته گذريل رات برهه بانڊي ۾ امن ڪميٽي جي ميمبر جي گاڏي تي رموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ڪيو ويو هيو . سي ٽي ڊي ڌماڪي جي ايف آئي آر اڻ ڄاتل ماڻهن خلاف درج ڪرائي آهي. پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي، جڏهن ته  حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪري ورتي آهي،  حملي ۾ شهيد ٿيل دفاعي ڪميٽي جو سربراهه ادريس خان ” دا جان“ سوات ۾ طالبان خلاف مزاحمت جو نالو هو، سندس مائٽ چيو ته دا جان پنهنجي گهر جي تعمير ڪرائي رهيو هو، حملي ۾ 3 مزدور به مارجي ويا،ادريس خان جي مائٽ چيو ته ادريس خان طالبان آڏو رڪ جي ديوار بڻيل هو، اسان جي خاندان تي طالبان 2010ع کان اڳ پنج حملا ڪيا هئا، ادريس خان تي ان حملي کان اڳ ٽي حملا ٿيا هئا جن ۾ هو محفوظ رهيو، هو هر ڳوٺ وڃي امن لشڪر کي تربيت ڏيندو هو، جنهن کانپوءِ طالبان اسان جي سموري خاندان جا دشمن بڻجي ويا ۽ ڌمڪيون ڏيندا هئا، ادريس خان جي مائٽ چيو ته اسان جي خاندان ملڪ ۽ قوم خاطر پنهنجي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو، هن چيو ته دا جان محب وطن پاڪستاني هو، جنهن پنهنجي جان وطن تي قربان ڪئي پر انهن قربانين جو نتيجو اهو نڪتو ته اسان کي هاڻي دا جان جي جنازي ۽ علائقي لاءِ به حفاظتي قدم کڻڻا پئجي رهيا آهن،

اسلام آباد ۾ لال مسجد تي مولانا عبدالعزيز جو ٻيهر قبضو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ قائم لال مسجد تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضو ڪيو ويو، لال مسجد جي اڳوڻي پيش امام مولانا عبدالعزيز جي اڳواڻي ۾ نوجوانن، ننڍي ڄمار جي هٿاربندن سميت تقريبن 200 جي ويجهو ماڻهن پاران مسجد تي قبضو ڪيو ويو، ڊان اخبار موجب پوليس لال مسجد جي آسپاس ناڪابندي ڪري وڏا اٽالا پهچايا ويا آهن، مسجد جي چوڌاري ڪنڊيدار تارون به لڳائي علائقي کي گهيري ۾ آندو ويو آهي، جڏهن ته مولانا عبدالعزيز مسجد اندر موجود آهي، ڪجهه هٿياربندن وٽ ايس ايم جيز به موجود هيون، بااثر ماڻهن جي گروپ پوليس کي ٻڌايو ته اهي مسجد تي قبضو ڪرڻ آيا آهن،

ڪي پي حڪومت طالبان سان ڳالهيون نه پئي ڪري: شوڪت يوسفزئي

پشاور(م ڊ) ڪي پي  جي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته صوبائي حڪومت طالبان سان ڪي به ڳالهيون نه پئي ڪري، مذاڪراتي عمل ۾ صوبائي حڪومت جي ڪا نمائندگي به ناهي، بلڪه وفاقي حڪومت افغان حڪومت سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي جا اثر اسان جي ملڪ تي به پيا آهن، افغان حڪومت ڪجهه ماڻهن کي مجبور ڪري رهي آهي ته پاڪستان واپس وڃن ته اثر نظر ايندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.