چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ اٽي اگهه جو نوٽيس وٺي: سماجي اڳواڻ

مٺي:جي سماجي اڳواڻ اڪبر درس چيف جسٽس سنڌ احمد علي شيخ کي نوٽيس وٺڻ لاءِ اپيل ڪري ڇڏي،اڪبر درس چيو آهي ته جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ صاحب سنڌ جي عوام جون نظرون توهان جي عدالت طرف آهن،اٽي جي وڌنڌڙ اگهن خلاف ايڪشن کڻڻ لاءِ اپيل ڪيون ٿا،هن وقت عوام ٻوڏ ۽ برسات سبب دربدر آهي اُتي وري اٽي جي وڌنڌڙ اگهن مسڪينن کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي،گذارش عرض آهي ته چيف جسٽس صاحب هن وقت پوري سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اٽو في مڻ 4500َ سئو روپيه ٿي ويو آھي،جنهن جو ڪارڻ تازو سنڌ ڪابينا پاران ڪيل اجلاس ۾ اڳئين سال جي نئين فصل جي لهندڙ ڪڻڪ جو امدادي اگھ چار هزار روپيه مڻ مقرر ڪرڻ واري تجويز کي بنياد بڻائيندي هتي جي ذخيرو ڪندڙن اڳئين سال جي ورتل ڪڻڪ جيڪا هنن 1800 کان 2000روپين ۾ خريد ڪئي اهائي ساڳئي ڪڻڪ 4000 روپين ۾ بليڪ تي وڪرو ڪري مسڪينن سان ظلم ڪري رهيا آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.