آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ غور هيٺ ناهي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت مقرر وقت تي جي ايڇ ڪيو پاران موڪليل نالن تي آرمي چيف جي مقرري ڪندي، انهن ايڪسٽينشن کي ڪو ٻيو نالو ڏئي ڇڏيو آهي، اهي نومبر ۾ اهم مقرري روڪڻ چاهين ٿا، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي آگسٽ ۾ ٿينديون، مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته آرمي  چيف جي مقرري وزيراعظم جو استحقاق آهي، عمران خان جيڪي بيان ڏيندو آهي ڇا پرويز الاهي انهن جي حمايت ڪندو آهي، پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ اچي سگهي ٿي، هن چيو ته عمران خان هڪ مقبول ليڊر آهي، ان کان ڪو انڪار ناهي، اهي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ هجي، جيئن ملڪ جو ڏيوالو نڪري، هن چيو ته ڊالر جي وڌندڙ قيمتن بابت افواهه ڦهلائيندڙ بئنڪن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ادارو نه اسان نه ئي هنن جي سياست جي سرپرستي ڪري،يقين ڏياريان ٿو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو ڪو پراسيس شروع ئي ناهي ٿيو، ر ڳو عمران خان ئي توسيع جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، عمران خان پاڻ ان اداري کي نيوٽرل ڊڪليئر ڪيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.