ٻوڏ سبب غربت ۾ ٽيڻ تي واڌ ، اٽي اگهه ۾ اضافو، غريبن جي بقا لاءِ جنگ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال بعد بيروزگاري ۽ غربت ۾ ٽيڻ تي اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. مٿان وري مهانگائي ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿئي پيو. حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ اٽي جا اگھه به آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽو 100رپين کان 110 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. اھڙي مھانگائي واري طوفان کانپوءِ اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مزدور ۽ پورهيت جيڪي اڳ ئي بيروزگاري سبب بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن اهي هاڻ وڌيڪ تڪليف ۾ مبتلا ٿيندا ۽ هڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ به پريشاني واري صورتحال کي منھن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا. حيدرآباد ضلعي جي چئني تعلقن حيدرآباد شھر. قاسم آباد. لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻھراڙي تعلقي ۾ اٽي جي اگھن ۾ هڪدم في ڪلو تي 20 روپيا اضافو ٿي ويو. چڪي. مل مالڪن ۽ دڪاندارن اٽو مھانگو ٿيڻ کي ڪڻڪ جو اگھه وڌيڪ ھجڻ قرار ڏئي ڇڏيو آھي. سندن چوڻ آھي ته اٽو اڃا به مھانگو ٿي سگھي ٿو. برساتن ۽ ٻوڏ سبب زرعي زمينون ٻڏل آھن. جنھن سبب ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿيڻ سان اٽو وڌيڪ مھانگو ٿيڻ جو امڪان آھي. عوام جو چوڻ آھي ته ھڪ طرف ٻوڏ تباھه ڪري ڇڏيو آھي. مٿان وري اٽي جي اگھه ۾ واڌ کين وڌيڪ پريشان ڪيو آھي. ان اھم مسئلي کي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت حل ڪري. غريب پورهيت ۽ مزدور جو جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. سندن حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون آهن. هنن چيو ته هڪ طرف برسات ۽ ٻوڏ سندن سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف مهانگائي جو طوفان ازيت ۾ مبتلا ڪري رهيو آهي. هوڏانهن حيدرآباد جي ھوٽل مالڪن اٽو مھانگو ٿيڻ سبب نان ۽ چپاتي جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هوٽلن تي نان 25 کان 30 روپيا وڪرو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته چپاتي 20 کان 25 روپين تائين وڪرو ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.