ڪڻڪ امدادي اگهه وڌڻ شرط اربين رپين جي ڪمائي! اٽو 120 رپيا ڪلو ٿي ويو، ٻوڏ متاثر بکن ۾ پاهه

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) سنڌ حڪومت پاران هيل سال نئين ڪڻڪ جي پوکي ٿيڻ کانپوءِ لهندڙ ڪڻڪ جي فصل جو في مڻ 4 هزار اگھ مقرر ڪرڻ بعد ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ مافيائن اسٽاڪ ڪيل گذريل سال واري 2 هزار ۾ في مڻ خريد ڪيل ڪڻڪ جو اگھه به 4 هزار مقرر ڪري ڇڏيو آهي،جنهن بعد اٽي جو في مڻ 4800 سئو روپيا ۽ في ڪلو 120 روپين تائين پهچي ويو آهي،جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران اٽي جو سرڪاري اگھ مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،جنهن سبب اٽي جو سرڪاري اگھ مقرر ٿي ناهي سگهيو،ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن توڙي فلورز مل مالڪ فوڊ ڊپارٽمينٽ جي ملي ڀڳت عيوض اٽي جا اگهھ وڌائي ڇڏيا آهن،جنهن سبب ٻوڏ ۽ برسات سبب متاثر ٿيل هزارين خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،ٿر جي شهرن مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ننگر پارڪر،ڪلوئي،چيلهار،ڏانو،ويراھ واھ،مبارڪ رند سميت ٻهراڙين وارن ڳوٺن ۾ اٽي جا اگهھ وڌي ويا آهن،شهرن ۾ اٽو 120 روپيا ۽ ٻهراڙين ۾ 130 کان 140 روپين تائين ڪلو بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي،جنهن سبب صورتحال ڀيانڪ بڻجندي پئي وڃي،ڪڻڪ ذخيرو ڪري ٻيڻي اگھ تي وڪرو ڪندڙن خلاف حڪومت طرفان ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي،جنهن سبب مسڪين پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ سخت پريشان آهي،شهرن ۾ تعلقن تي مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت مختيارڪار به غائب نظر اچن ٿا،اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو ادارو ڪٿي سرگرم نظر نه ٿو اچي،جنهن سبب غريب عوام منافعي خورن جي رحم ڪرم ٿي آهي،جن کي فلورز ملن ۽ چڪين وارا فوڊ کاتي جي ملي ڀڳت عيوض ڦُري رهيا آهن،ٿر واسين پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي،جڏهن ته گدامن ۾ هزارين مڻ ڪڻڪ موجود هجڻ جي باوجود سنڌحڪومت پاران ڪڻڪ فلورز مل مالڪن کي سستي اگهھ تي ڏيڻ جي اجازت ناهي ڏني،جنهن سبب هزارين مڻ ڪڻڪ گدامن ۾ سڙي ختم ٿي رهي آهي،جڏهن ته فوڊ کاتي کي مليل 23 ارب 32 ڪروڙ سبسڊي واري رقم به عوام کي ڪٿي ڪو فائدو ناهي ڏئي سگهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.