آرمي چيف جي مقرري ملتوي ڪرڻ تي راءِ نه ڏيندس: صدر علوي

اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي چيو آهي ته تمام جلد سياسي بحران جو حل نظر ايندو، عالمي بئنڪ چوي ٿي ته پاڪستان ڊيفالٽ جي ويجهو آهي، معاشي حالت اهڙي ناهي ته ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري سگهجي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ٻوڏ ۽ معيشت سان گڏ سياسي بحران به ڳڻتي جوڳو آهي، آءِ ايم ايف به واپسي جي سگهه ڏسي قرض ڏئي سگهي ٿي،دوست ملڪن به امداد کي آءِ ايم ايف سان مشروط ڪري ڇڏيو، معاشي بحران پنهنجي جاءِ تي پر سياسي بحران ته اسان پاڻ ۾ ويهي حل ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته بحرانن مان نڪرڻ جو واحد حل منهنجي نظر ۾ عام چونڊون آهن، رپئي جو قدر ۽ ايڪسپورٽ ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ معيشت بهتر ڪرڻ ضروري آهي، معاشي بحران به پنهنجي جاءِ تي ڳڻتي جوڳو آهي، سياسي بحران جا اثر ملڪ تي ظاهر ٿي رهيا آهن، موجوده حڪومت ۾ شامل سياسي قيادت نين چونڊن تي متفق هئي، وزيراعظم شهبازشريف سان رابطو رهندو آهي، هن چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت عمران خان جيڪا تجويز ڏني آهي اها مان اسٽيڪ هولڊرن آڏو رکي سگهان ٿو، صلاح مشوري سان فيصلا ڪيا وڃن، اليڪشن تائين مقرري روڪڻ تي راءِ نه ڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.