عمران جي آءِ ٽي آڏو پيش، عوام کي نڪرڻ جو سڏ ڏنو ته حڪومت برداشت نه ڪري سگهندي:اڳوڻو وزيراعظم

اسلام آباد ( م ڊ ) ڪيئي نوٽيس ۽ عدالتي حڪمن بعد  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي ويو. پوليس ٽيم طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي لکت ۾ 21 سوالن تي ٻڌل سوالنامو ڏنو ويو جڏهن ته پوليس طرفان ڪجهه زباني سوال پڻ ڪيا ويا. عمران خان کان جاچ ٽيم ايس ايس پي انويسٽيگيشن جي سربراهي ۾ اٽڪل ويهه منٽن تائين پڇاڳاڇا ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي وڪيل ذريعي پهريان کان ئي جمع بيان ٻيهر ڏئي ڇڏيو. عمران خان بيان ۾ چيو ته شهباز گِل تي تشدد جي حوالي سان پنهنجي تقرير ۾ ڪا دهشتگردي ناهي ڪئي،  جيڪا تقرير ڪئي اها دهشتگردي جي زمري ۾ نٿي اچي، جڏهن ته تقرير ۾ قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ڪنهن به قسم جي ڌمڪي ناهي ڏني. عمران خان لکت ۾ بيان جي آءِ ٽي جي سربراهه جي حوالي ڪيو، بيان ۾ عمران خان موقف اختيار ڪيو ته سندس خلاف امپورٽڊ حڪومت جي دٻاءُ تي پوليس دهشگردي جو ڪيس داخل ڪيو.جاچ ٽيم پاران عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته توهان پنهنجي تقرير دوران پوليس آفيسرن ۽ ماتحت عدليا جي جج صاحبه کي ڌمڪائي خوف ۽ هراس وارو ماحول پيدا ڪيو؟  جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏيندي چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، مان ان سڄي ڪيس کي انتقامي ڪارروائي ۽ ڪوڙو سمجهان ٿو.هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڏ ڏنو تھ حڪومت برداشت نه ڪري سگھندي، عوام جو سمنڊ ٻاهر نڪرندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آھي ته هڪڙا چون ٿا ته ٻوڏ آهي سياست نه ڪيو ٻيا منهنجي پارٽي کي ڪرش ڪرڻ لڳا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته  26سالن جي سياست ۾ ڪڏهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ھر شئي قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رھي ڪري ڪئي.سندس چوڻ هو ته هن وقت ٻوڏ تي سياست ٿي رهي آهي، اسان کي چيو پيو وڃي ته ٻوڏ آهي سياست نه ڪيو ۽ ٻئي پاسي منهنجي پارٽي کي ڪرش ڪرڻ لڳا آهن، جيڪي ماڻهو سياسي فنڊنگ ڪندا هئا انهن کي هيسايو ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.