بجلي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ معاف نه ملتوي ڪيو آهي: توانائي وزير

اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ معاف نه بلڪه ملتوي ڪيو آهي، جنهن کي آڪٽوبر کان مارچ وچ ۾ وصول ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 300 يونٽ تائين بجلي صارفن جو فيول ايڊجسٽمينٽ ختم نه بلڪه ملتوي ڪيو آهي، درآمدي فيول بدران مقامي ذريعن سان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويندا، جنهن سان بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ايندي، هن چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۽ سرڪاري عمارتن کي سولر تي آندو ويندو، 600 ميگاواٽ جوپهريون منصوبو اڄ سيڙپڪارن آڏو رکيو ويندو، درآمدي فيول تي ڪارخانا نه لڳايا ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.