مريم نواز جي پاسپورٽ واپسي لاءِ درخواست تي ڌرين کان جواب طلب

لاهور (م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي پاسپورٽ واپسي لاءِ داخل درخواست تي نيب سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 27 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ محمد امير ڀٽي جي سربراهي ۾ جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس طارق سليم شيخ تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. مريم نواز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مريم نواز جو ٽريڪ رڪارڊ سڀني جي سامهون آهي هو پهرين به ٻاهرين ملڪ کان واپس آئي، چئن سالن بعد مريم نواز عدالت جي دروازي تي آئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.