ڪراچي ۾ فيڪٽري تي ڇاپو، غيرمعياري دوائون هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڊريپ ڪراچي سائيٽ ايريا ۾ هڪ فيڪٽري تي ڇاپو، غير معياري دوائون هٿ ڪري ورتيون. تفصيل موجب ڊريپ نيشنل ٽاسڪ فورس پاران جعلي ۽ غير معياري دوائن خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊريپ ڪراچي سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري تي ڇاپو هنيو آهي، فيڪٽري ۾ غيرقانوني طور تي دوائون تيار ٿي رهيون هيون.ڊاڪٽر عاصم رئوف جي سي اي او ڊاڪٽر عاصم رئوف موجب فيڪٽري پيراسيٽامول جهڙي دوا ٺاهي رهي هئي، خدشو آهي ته فيڪٽري جعلي پيراسيٽامول ٺاهي رهي هئي. هن چيو ته ڊرگ ٽيم خام مال جو ذخيرو هٿ ڪري ورتو آهي ۽ دوائن جا نمونا ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.