ٻوڏ متاثرن لاءِ سامان بازار ۾ وڪامجي رهيو آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي ( رپورٽر ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ طرفان برسات جي پاڻي کي ڪڍڻ ۾ 6 مھينا لڳڻ واري بيان کي حڪومتي ناڪامي ۽ ٻوڏ سٽيل عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر قرار ڏيندي گهر ڪئي آھي ته  شھرن ، ڳوٺن توڙي فصلن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ھيوي مشينري جو استعمال اھو ڪم ترت فوج جي حوالي ڪيو وڃي . جماعت اسلامي ۽ الخدمت جا ڪارڪن آخري ٻوڏ متاثرجي بحالي تائين پنھنجي خدمت جاري رکندا اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ قباء آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته  ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل سامان ناني ويڙھو يا بازار ۾ وڪامجي رھيو آھي متاثرن جو سڀ کان پھريون مسئلو پاڻيءَ جو نيڪال آھي پر سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ سست رفتار مان لڳي ٿو ته  پاڻي جو نيڪال يا عوام کي بچائڻ بدران انھن جي امداد ۾ وڌيڪ دلچسپي آھي. ان موقع تي سنڌ جو سيڪريٽري اطلاعات مجاھد چنا،محمد خاهد شيخ به موجود ھئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.