سنڌ حڪومت ڪڻڪ اگهه بابت پنجاب جو فيصلو هاري دشمن قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3 هزار مقرر ڪرڻ واري پنجاب جي فيصلي کي هاري دشمن قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ماحوليات ۽ يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو آھي ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3 هزار مقرر ڪرڻ وارو پنجاب جو فيصلو هاري دشمن آھي، پنجاب حڪومت کي ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3 هزار في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺڻ گھرجي، پيپلز پارٽي هميشه هارين کي ڪمند ۽ ڪڻڪ جو اگهه ٻين حڪومتن کان بهتر ڏنو آهي. اسماعيل راهو چيو ته پنجاب حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. ڊي اي پي، يوريا ڀاڻ ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جي قيمتن کي ڏٺو وڃي ته هارين لاءِ 3 هزار رپيا قيمت تمام گهٽ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.