پڊعيدن ٽريڪ ٻڏڻ سبب مسافر ٽرينون هلائڻ جي تاريخ نٿا ڏئي سگهون: سعد رفيق

خيرپور/نوابشاهه(نمائندا) وفاقي وزير ريلوي خواجا سعد رفيق سکر جي دوري جي موقعي تي ن ليگ  سکر ضلعي جي صدر خورشيد ميراڻي جي قيادت ۾وفد ملات ڪئي ،ان موقعي تي محمد اعظم خان، گل حسن کوسو، ڪاشف عباسي، عبدالفتاح ابڙو، احمد حسين، خالد آرائين، فهيم گرگيج ۽ ٻيا عهديدار موجود هئا، ملاقات دوران وفد تنظيمي معاملن جي حوالي سان گڏوگڏ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ ريلوي آپريشن معطل ٿيڻ جي ڪري روزانو 15 کان 16 ڪروڙ روپيا نقصان ٿي رهيو آهي، هوڏانهن نوابشاهه ۾ ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته ريلوي ٽريڪ تان پاڻي نيڪالي لاءِ ضلعي انتظاميا، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي مدد سان گڏيل پلان بڻايو ويندو، پڊعيدن ويجهو مين اپ ۽ ڊائون ريلوي ٽريڪ تي گهڻو پاڻي آهي، مسافر ٽرينون هلائڻ جو رسڪ نٿا کڻي سگهون، مسافر ٽرينون هلائڻ جي اڃا حتمي تاريخ نٿا ڏئي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.