متحده ڪارڪنن جا لاش ملڻ تي وفاقي سرڪار پاران جاچ جو اعلان

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي حڪومت متحدا قومي موومنٽ ( ايم ڪيو ايم ) پاڪستان جي ڪارڪنن جا لاش ملڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پڌرائي ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وفاقي وزير اياز صادق ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.وفاقي وزيرن ايم ڪيو ايم اڳواڻن امين الحق ۽ خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي ۽ خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي موت جي جاچ يقيني بڻائيندي . گهرو وزير گم ٿيل ماڻهن جا لاش ملڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سان گڏجي واقعي جي جاچ ڪرائينداسين ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم ترجمان موجب گذريل ڏينهن کان هنيئر تائين ايم ڪيو ايم جي ٽن ڪارڪنن جا لاش ملي چڪا آهن، ٽنهي ڪارڪنن جا لاش سنڌ جي مختلف علائقن مان هٿ آيا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.