ڊي ايڇ اي ۾ گهرن جي آڏو کڏا آهن، انجنيئر ڇا پيا ڪن: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد حسن اطهر رضوي ۽ جسٽس ارشدحسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ برساتن ۾ ڊي ايچ اي جا علائقا ٻڏي وڃڻ  واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي .جسٽس سيد حسن اطهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو هئي ڪهڙو تماشو آهي برسات هر جگهه ٿي رهي آهي. گهرن جي آڏو چئن فٽ جا کڏاآهن .ڪواڻڄاڻ ماڻهو ڪري نه پئي .عدالت وڌيڪ چيو ته شهرين گهرن جي آڏو بجري جون ٻوريون رکي ڇڏيون آهن.عدالت ڊي ايڇ اي عملدارن کي رهواسين جي انجنيئر سان مٽينگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت چيو ته پندرهن ڏينهن ۾ ميٽنگ ڪئي وڃي .مينٽگ جا منٽس ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن. ڊي ايڇ اي جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته صورتحال کان بچڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي پئي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو اوهان جا انجينئر ڇاڪري رهيا آهن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.