گاڏي تي لينگهو ڪرڻ تان جهيڙو، فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ گاڏي تي لينگهو ڪرڻ تي ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن.

پوليس موجب پشاور جي علائقي تهڪال ۾ گاڏي تي هڪ لينگهو ڪڍڻ تي مالڪ ٻارن کي ٿڦون هنيون جنهن تي ٻارن جي مائٽن ۽ گاڏي جي مالڪ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ جوابدار فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي جي مالڪ جي مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارن جي جو چاچو ۽ سئوٽ مارجي ويا آهن جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.

پوليس موجب قتل ٿيل ٻئي ڄڻا افغانستان جا شهري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.