ٽنڊو جان محمد ۾ سماجي تنظيم پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم

ٽنڊو جان محمد ۾ سماجي تنظيم پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي.

سماجي تنظيم الخدمت فائونڊيشن شهر ۾ هڪ سئو خيمن تي مشتمل ٽينٽ سٽي قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن کي ترسايو ويو آهي.

سماجي تنطيم موجب ٽينٽ سٽي ۾ شهر ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي هڪ سئو ٻوڏ متاثر ڪٽنبن کي ترسايو ويو آهي، جن کي کاڌي پيتي سوڌو ٻيون ضرور واريون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن.

ٻئي پاسي ڪئمپ ۾ ترسيل متاثرن واهر ڪرڻ تي سماجي تنظيم جا ٿورا پڻ مڃيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.