قمبر ۾ ڀٽا برادري جي ماڻهن جو زرعي زمين تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف احتجاج

قمبر ۾ ڀٽا برادري جي ماڻهن پاران زرعي زمين تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڀٽا برادري جي ماڻهن هٿن ۾ بينر کڻي محمد وارث، غلام حيدر، عارف ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڀٽا برادري جي ماڻهن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته سندن 25 ايڪڙ زرعي زمين تي پ پ ايم پي اي سردار چانڊيي جي سئوٽ ملڪ غيبي خان چانڊيي پنهنجا هٿياربند ويهاري قبضو ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته وٽن زمين جو اصل رڪارڊ به موجود آهي، قبضي خلاف ايم پي اي سردار چانڊيو وٽ به دانهيو آهي پر انصاف نه پيو ملي.

ڀٽا برادري جي ماڻهن اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.