ميرپوربٺورو: جو کيڙو سو کائي جو نعرو ڏيندڙ صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد جون 314 هون عرس شروع

جو کيڙو سو کائي جو انقلابي نعرو ڏيندڙ عظيم صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد جون 314 هون عرس ملهايو پيو وڃي.

جهوڪ شريف ۾ درگاهه جي گادي نشين صوفي عطاءُ الله ستاري صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد جي مزار تي چادر چاڙهي عرس تقريبن جي شروعات ڪئي.

عرس جي موقعي تي مختلف شهرن مان مريدن ۽ عقيدتمند جي پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.

عرس جي موقعي تي اڄ رات درگاهه جي اڱڻ تي صوفياڻي راڳ پڻ ٿيندو، جيڪو پرهه ڦٽي تائين جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.