ڏهرڪي: ڳوٺاڻي جو ويڳن ڀائرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏهرڪي ۾ ڳوٺاڻي ويڳن ڀائرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺ حيات شر جي رهواسي فضل شر ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي ويڳن ڀائرن خلاف دانهيو.

هن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته پيءُ مرزا شر جي وفات کانپوءِ ويڳن ڀائرن ننڍي ڀيڻ جي گھر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اعتراض وارڻ تان ننڍي پٽ کي پوليس هٿان گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو.

ڳوٺاڻي ٻڌايو ته سندس پيءُ پنهنجي حياتي ۾ ئي سموري اولاد کي ملڪيت مان حصا لکي ڏنو هئو تنهن باوجود به ويڳا ڀائر ناجائزيون پيا ڪن، جيڪا زيادتي آهي.

هن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ننڍي ڀيڻ جي گھر تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.