ناري ڀيڻ جي علاج لاءِ بينڪ ڦري ورتي

بيروت(ويب ڊيسڪ) بيروت ۾ هڪ ناري پنهنجي ڀيڻ جي علاج لاءِ بينڪ ۾ ڌاڙو هنيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سالي حافظ نالي ناريءَ جي بينڪ ڦرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي لائيو اسٽريم شيئر ڪئي آهي.

ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بينڪ ۾ ويندي ئي رڙيون پئي ڪري. سالي حافظ ٻڌايو ته هو پيسا حاصل ڪرڻ بينڪ ۾ آئي هئي ۽ سندس ڀيڻ ڪينسر جي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هوءَ ڪنهن کي قتل ڪرڻ يا فائرنگ ڪرڻ ناهي آئي ۽ سندس مطالبو صرف سندس حقن جو حصول هيو.

ان واقعي بعد هڪ ٽي وي تي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته هن بينڪ مان تيرنهن هزار ڊالرز حاصل ڪيا ۽ ان برانچ ۾ سندس خاندان جا ويهه هزار ڊالر جمع ٿيل آهن.

هن ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جي علاج لاءِ پنجاهه هزار جو خرچ هيو.

هن ڌاڙي بابت چيو ته هن پنهنجي ڀاڻج جو رانديڪو پستول استعمال ڪيو جڏهن ته ڌاڙي بعد سالي حافظ پنهنجي ساٿين سان گڏ بينڪ جي پٺيان واري در مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.