ريشم پيرس مان آيل رشتي کان انڪار جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان جي مشهور اداڪارا ريشم شادي نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي

ڪجهه ڏينهن اڳ ريشم هڪ خانگي پروگرام کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيرس مان کيس شادي جو پرپوزل آيو هو جنهن کي هن ٿڏي ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين هن شادي ناهي ڪئي

هن چيو ته کيس ننڍي دل جا ماڻهو ناهن پسند، هو شخص ڪنجوس هيو ۽ اسلام ۾ به ڪنجوسيءَ کي خراب سمجهيو ويندو آهي

هن ٻڌايو ته جڏهن سڄي زندگي ڪنهن جي سامهون هٿ ناهي ٽنگيو ته ڪنهن کان گهرڻ ڏکيو لڳندو آهي، ان لاءِ ئي هن شادي ناهي ڪئي.

ان کانسواءِ هن چيو ته پاسپورٽ تي سندس عمر اڄ کان ڇهه ست سال وڏي لکيل آهي ڇاڪاڻ ته عمري لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ کيس پاسپورٽ تي وڌيل عمر جي ضرورت هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.