عمران خان جو عام چونڊن جي ميدان ۾ لهڻ کان اڳ وڏو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي تنظيمن کي عام چونڊ لاءِ اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر عام چونڊ لاءِ پارٽي تنظمين سان گڏ اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اسد عمر جي صدارت هيٺ سينٽرل پنجاب جي اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

پارٽي تنظيمن وفادار ۽ مضبوط پارٽي اميدوارن جون شروعاتي لسٽون پڻ پيش ڪري ڇڏيون آهن.

سينيئر اڳواڻ حماد اظهر چيو ته عام چونڊن جي تياري وقت کان اڳ شروع ڪري ڇڏي آهي، حتمي فيصلو پارلياماني بورڊ ۽ عمران خان ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.