ٻه ٿيلهيون ڇا اڇليون ڄڻ سڄو عذاب مان ئي آندو

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ريشم درياهه ۾ مڇين جي خوراڪ لاءِ گوشت ۽ ڊبل روٽي سان گڏ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون به ڦٽو ڪيون جنهن تي هن تازو وضاحت به ڏني آهي

ڪجهه ڏينهن پهريان ريشم فيس بوڪ پيج تي وڊيو پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ هڪ پل تي کيس گاڏيءَ مان هيٺ لهندي   گوشت جا ٽڪڙا ۽ ڊبل روٽي سميت پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي ڦٽو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

سوشل ميڊيا تي سندس وڊيو وائرل ٿيڻ شرط واهپيدارن ريشم کي ماحولياتي آلودگي ۽ آبي آلودگي جي نقصانن بابت ڄاڻ نه هجڻ تي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو

هڪ خانگي ٽي وي جي انٽرويو ۾ ريشم ان معاملي تي وضاحت ڏيندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ چارسدا وئي هئي، جتي ٻوڏ متاثر ٻارن سان وقت گذاريو ۽ واپسي تي درياهه جي ڪناري مڇين کي کاڌو کارايو

هن وڌيڪ چيو ته سڀ انسان آهن سڀين کان غلطيون ٿينديون آهن ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جيئن هن کان غلطي ٿي جنهن تي ماڻهو تنقيد پيا ڪن، کيس ماڻهن جي تنقيد سان ڪو فرق نٿو پوي

هن چيو ته هوءَ هڪ انسان آهي جنهن کان غلطي ٿي سگهي ٿي ۽ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون  ڦٽو ڪرڻ سندس غلطي آهي، هن ٻڌايو ته چارسدا کان واپسي تي سوشل ميڊيا ڏٺو ته هر جاءِ تي ٽرينڊ پئي ڪري هن چيو ته ايئن پئي لڳو ڄڻ ٻه ٿيليون نه پر دنيا جي سڄي آلودگي درياهه ۾ اڇلي آهي

اداڪارا چيو آهي ته ماڻهو کيس ايئن نشانو بڻائي رهيا آهن جيئن هن ڪو وڏو گناهه ڪيو هجي، ڄڻ ٻوڏ يا ٻيا سڀ عذاب هن آندا هجن

هن ٻڌايو ته کيس ٻيهر ڪووڊ ٿي چڪو آهي جنهن جا اثرسندس دماغ تي به ٿيا آهن، ڪجهه ڳالهيون وسري وينديون آهن، چار ڪلاڪ پهريون ڪهڙو ڪم ڪيو اهو به ياد ناهي هوندو، هن چيو ته کيس اندازو نه ٿيو ته هو ڇا ڪرڻ لڳي آهي ان لاءِ بي ڌياني ۾ پلاسٽڪ به دريا ۾ ڦٽو ڪيائين

ريشم کي جتي سوشل ميڊيا تي ماڻهن ڳالهايو آهي اتي شوبز سان واسطو رکندڙ شخصتين به سمجهايوآهي.

اداڪار ۽ هدايتڪار شمعون عباسي لکيو آهي ته ريشم کي وڊيو سوشل ميڊيا تي نه رکڻ گهرجي هان، جڏهن به سٺو ڪم ڪري ته ڪيمرا ۾ رڪارڊنگ کان پاسو ڪري ۽ اهڙو ڪو به عمل ڪرڻ وقت عالمي ماحول کي ذهن ۾ رکي

ان کانسواءِ ناديا افگن به انسٽاگرام تي اسٽوري ۾ لکيو ته مڇيون ۽ ٻين جانورن کي کارائڻ بهترين عمل آهي پر درياهه ۾ پلاسٽڪ نٿي ڦٽي ڪري سگهجي، هن چيو ته توهان انهن کي کارايو به ٿا ۽ گڏ قبر به کوٽيو ٿا

ڊبيلو ڊبيلو ايف موجب سمونڊ ۾ پلاسٽڪ جي آلودگي آبي زندگين جي بقا لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ ان سان لکين آبي زندگيون هر سال موت جي منهن ۾ وينديون آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.