وفاق سنڌ تي مهربان، ڊاڪٽر سيمي جمالي کي اهم ذميواري ملي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت نيشنل ٽاسڪ فورس کي نئين سر جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وبائي، انفيڪشيئس ڊيزيز ماهرن کي شامل ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت صحت واري وفاقي وزير بابت ٽيڪنيڪي مدد ۽ عالمي صحت جي تحفظ جي سلسلي ۾ صحت جي ٽاسڪ فورس کي نئين سر جوڙيو آهي.

اها ٽاسڪ فورس 14 رڪني آهي، جنهن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سيمي جمالي کي مقرر ڪيو ويو آهي، سيمي جمالي جناح اسپتال ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رهي چڪي آهي.

سيمي جمالي ان ٽاسڪ فورس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر ايس محمد علي اي صادق (پنجاب)، ڊاڪٽر تاج بلوچ (بلوچستان)، ڊاڪٽر محمود اورنگزيب (ڪي پي ڪي)، ڊاڪٽر سيد مزمل حسين بخاري (آزاد ڄمون ۽ ڪشمير) شامل آهن.

ان کانسواءِ ڊاڪٽر شير حافظ (گلگت بلتستان)، پروفيسر رضوان تاج (آءِ سي ٽي)، اڳوڻي سينيٽر عائشا رضا فاروق، ڊاڪٽر راڻا محمد صفدر، ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر طاهر مختار سيد، ڊاڪٽر سيد علي فرحان رضي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف نظامي ۽ ڊاڪٽر سيد اسرار حسين به ٽاسڪ فورس ۾ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.