پاڻي پيئڻ جا حيران ڪندڙ نقصان

گرمين يا سخت جسماني محنت کانپوءِ اڃ لڳڻ ته عام ڳالهه ئي آهي، ڇو ته پگهر جي صورت ۾ ماڻهو جي جسم مان گهڻو پاڻي نڪري ويندو آهي ۽ جسم کي فوري طور تي پاڻي جي ضرورت پوندي آهي.

هونئن به ماهر گهڻو پاڻي پيئڻ کي صحت لاءِ فائديمند قرار ڏيندا رهن ٿا حقيقت ۾ ائين آهي به صحيح جيترو پاڻي پئجي اوترو صحت جي لاءِ فائديمند آهي.

پر پاڻي پيئڻ ۽ اڃ لڳڻ ٻه الڳ الڳ عمل آهي، سياري جي موسم ۾ جيڪڏهن توهان ڪنهن ٿڌ واري جاءِ تي ويٺا آهيو ۽ جسماني تحرڪ ۾ ناهي ان جي باوجود به جيڪڏهن توهان کي گهڙي گهڙي اڃ لڳي ٿي ته اهو توهان جي لاءِ خطرناڪ عمل آهي. جيتوڻيڪ توهان ڇهه کان اٺ يا ڏهه گلاس روز پيئو ٿا ۽ انکان وڌيڪ پاڻي جي طلب ٿئي ٿي ته اهو توهان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي سگهو.

جيڪڏهن توهان ان مسئلي جو شڪار آهيو ته توهان کي فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي ان جا ڪجهه هيٺ سبب ڏجن ٿا جن کي ڌيان ۾ رکيو وڃي.

گهڻي لوڻ جو استعمال

گهڻي لوڻ واريون شيون کائڻ سان گهڻي اڃ لڳندي آهي، اسان جي جسم کي لوڻ ۽ پاڻي لاءِ درست مقدار جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن لوڻ جو استعمال گهڻو ڪيو وڃي ته رت ۾ پاڻي جي سطح گهٽجي ويندي آهي ۽ نتيجي ۾ هر وقت اڃ لڳندي رهندي آهي. خاص طور تي جڏهن کاڌي کانپوءِ توهان جو پيٽ سڄي وڃي يا گيس محسوس ٿئي ته ٻيا مسئلا به پيدا ٿي سگهن ٿا.

ٿڌي پاڻي پيئڻ جا نقصان/ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو اشارو

جيڪڏهن جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيڻ لڳي ۽ مناسب مقدار ۾ ان جو استعمال نه ٿئي ته اڃ لڳڻ شروع ٿي ويندي آهي. هونئن ته چيو ويندو آهي جسم کي روز گهٽ ۾ گهٽ اٺ گلاس پاڻي جي ضرورت هوندي آهي تنهن هوندي به اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪجهه ماڻهن کي پاڻي جي گهڻي گهرج پوندي آهي ۽ انهن جي لاءِ اٺ گلاس به ٿورا هوندا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي لاءِ وري اهي اٺ گلاس گهڻا به ثابت ٿي سگهن ٿا. ائين کڻي سمجهجي ته انساني جسم جون گهرجون الڳ الڳ هونديوون آهن جنهن جي حساب سان پاڻي جي ضرورت هوندي آهي. تنهنڪري هر وقت اڃ لڳڻ جو اهو به مطلب ٿي سگهي ٿو ته توهان جي جسم کي گهڻي پاڻي جي ضرورت آهي. خاص ڪري گرمين جي موسم هجي ته.

شگر جي علامت

شگر حقيقت ۾ جسم جي مٺاڻ کي ٽوڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪرڻ وارو مرض آهي جنهن جي نتيجي ۾ شگر جي سطح وڌي ويندي آهي ۽ پيشاب گهڻو اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. جنهن جي ڪري جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي. ائين کڻي چئجي ته لڳاتار اڃ لڳڻ يا گهڙي گهڙي پيشاب ڪرڻ جا ٻه ئي سبب ٿي سگهن ٿا. انڪري توهان کي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي يا وري پنهنجي شگر ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.