تيزي سان وڻن جو خاتمو، انسانيت خطري ۾، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته دنيا ۾ وڻن جي کوٽ انسانيت لاءِ وڏو خطرو آهي

ماهرن چيو آهي ته زمين تي وڻن جي مختلف قسمن جو خاتمو تيز رفتاري سان ٿي رهيو آهي جيڪو انسانيت  لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي

هنن چيو ته سڄي دنيا ۾ وڻ ختم ٿي رهيا آهن جيڪو صديون پراڻو مسئلو آهي، تازو اهو عمل ڳڻتي جوڳي سطح تائين پهچي ويو آهي

وڻ ڌرتي جي مختلف نظامن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ هن نئين تحقيق ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته زمين تي وڻن جو انگ گهٽ ٿيندو پيو وڃي

پرڏيهي خابرو اداري موجب ان تحقيق لاءِ ويهن ملڪن جا ماهر گڏ ٿيا جڏهن ته وڻن جي قسمن جي محرومي جو جائزو ورتو ويو

ماهرن موجب وڻن جي کوٽ سان رڳو ماحول متاثر نه ٿيندو آهي پر ماڻهن جو روزگار، معيشت ۽ خوراڪ جي مختلف حصن کي به نقصان رسندو آهي

هنن ٻڌايو ته دنيا جي پنجاهه سيڪڙو ٻوٽن ۽ جانورن جي رهڻ جو دارومدار وڻن تي آهي

هنن چيو ته وڻن جي مخصوص قسمن جو ختم ٿيڻ انسانيت لاءِ وڏو خطرو بڻجي اڀري سگهي ٿوڇاڪاڻ ته اهي مخصوص وڻ پاڻي، ڪاربن ۽ ٻين ضروري عنصرن جي ري سائيڪلنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.