خراب ڪارڪردگي، بابراعظم کان ٻي پوزيشن به کسجي وئي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) خراب ڪارڪردگي سبب آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾  بابر اعظم  ٻي پوزيشن به وڃائي ويٺو آهي.

ايشيا ڪپ ۾ مسلسل ناڪامين بعد پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي هڪ درجو هيٺ ڪرندي  ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته محمد رضوان پهرين پوزيشن تي موجود آهي.

بابراعظم کان ٻي پوزيشن ڏکڻ آفريڪا جي ايڊم مارڪرم کسي ورتي آهي ٻين ٽاپ ڏهه بيٽر ۾ سوريا ڪمار چوٿين، ڊيوڊ ملان پنجين، ايرون فنچ ڇهين، ڊيون ڪانوي ستين، نسانڪا اٺين نمبر تي آهي.

بابر اعظم جي ريٽنگ پوائنٽس ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن جو انگ ست سو ايڪهتر آهي جڏهن ته ڊيوڊ ملان جا ست سو ٻيانوي پوائنٽس آهن.

ٻئي طرف وڪٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان اٺ سو پوائنٽس سان پهرين پوزيشن تي آهي جڏهن ته آل رائونڊر بالنگ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو هڪ به رانديگر شامل ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.