محمد رضوان اهم ٽيم مان ٻاهر !

ڪرڪيٽ جي مشهور ويبسائيٽ ٽيم آف ايشيا ڪپ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٻئي شامل ناهن

ڪرڪ انفو جي ٽيم آف ايشيا ۾ سري لنڪا جا چار، پاڪستان جا ٽي، ڀارت ۽ افغانستان جا ٻه ٻه رانديگر شامل آهن جڏهن ته ان ٽيم ۾ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جو نمبرون رانديگر محمد رضوان ۽ نمبر ٻه بابر اعظم ٻئي شامل ناهن

ايشيا ڪپ ۾ رضوان ٽاپ اسڪورر هئڻ باوجود ڊريم ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، ڇهن ميچز ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻه سو ايڪاسي رنز ٺاهڻ باوجود سندس اسٽريئڪ ريٽ هڪ سو سترنهن ٻڙي پنج هو جيڪو سو کان مٿي رنز ٺاهڻ وارن رانديگرن ۾ اٺين نمبر تي هو

ورلڊ رينڪنگ ۾ نمبر ٻه بيٽر بابر اعظم جنهن لاءِ ايشيا ڪپ ته فلاپ شو هو سمورين ڇهن ميچز ۾ اننگز شروع ڪرڻ واري ڪپتان مجموعي طور اٺهٺ رنز ٺاهيون جڏهن ته سندس اسٽريڪ ريٽ هڪ سو ست ٻڙي نو هو

حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته ايشيا ڪپ ۾ ٽنهي اهم ميچز ۾ پاورپلي ۾ پاڪستاني ٽاپ آرڊر ڇهه مان اٽڪل ٽي اوور تي ڊاٽ بال کيڏيا

ايشيا ڪپ ۾ ڊريم ٽيم ۾ ڪوشل مينڊس، رحمان الله گرباز، ويرات ڪولهي، ابراهيم زدران، راجا پاڪسي، دوسن شناڪا، ونندو هسارنگا، محمد نواز، ڀونيشور ڪمار، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه کي رکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.