ٽوئيٽر انتظاميا ڪمپني وڪرو جي منظوري ڏئي ڇڏي

مشهور سماجي رابطن جي ويبسائيٽ ٽوئيٽر جي شيئر هولڊرز دنيا جي امير شخصيت ايلون مسڪ کي چوئيتاليهه ارب ڊالرز جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ ان معاملي جي وڌيڪ اڳڀرائي عدالتي ڪارروائي جي ذمي آهي جتي ايلون مسڪ ان معاهدي کي رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي

اها اڳڀرائي ڪمپني جي سان فرانسسڪو هيڊڪوارٽر ۾ شيئر هولڊرز جي اجلاس ۾ سامهون آئي جيڪو رڳو چار منٽ جاري رهيو جنهن کانپوءِ گهڻا ووٽ آنلائن ٿيا

ان منظوري جو مطلب آهي ته ٽوئيٽر پاران هاڻي عدالت ۾ ايلون مسڪ کي ڪمپني خريد ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي

اپريل ۾ ڪمپني انتظاميا ايلون مسڪ کي ٽوئيٽر چوئيتاليهه ارب ڊالز ۾ وڪرو ڪرڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي هئي جڏهن ته معاهدو ان وقت وقفي جو شڪار ٿيو جڏهن ايلون مسڪ الزام هيو ته ڪمپني انتظاميا کيس ٽوئيٽر تي اسپيم ۽ بوٽ اڪاوئنٽس جي انگ بابت غلط آگاهي ڏني

هن چيو ته هو مئي ۾ ڪمپني کي خريد ڪرڻ جي خواهش نٿو رکي جنهن تي ٽوئيٽر موقف ڏنو ته ايلون مسڪ هاڻي معاهدي کان پٺتي نٿو ٿي سگهي

ٽوئيٽر انتظاميا چيو ته هر ڏينهن متحرڪ واهپيدارن مان رڳو پنج سيڪڙو بوٽس آهن جڏهن ته ايلون مسڪ چيو ته انگ ان کان گهڻو آهي

ايلون مسڪ جي پٺتي ٿيڻ کانپوءِ مٿس ڪمپني پاران ڪيس ڪيو ويو جتي عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته ايلون مسڪ کي معاهدي جي منظوري جو آرڊر جاري ڪيو وڃي

ايلون مسڪ پاران خواهش ظاهر ڪئي وئي ته ٽرائل کي فيبروري ٻه هزار ٽي ويهه ۾ شروع ڪيو وڃي جيئن ٽوئيٽر بوٽ اڪائونٽس بابت رپورٽ جمع ڪرائي سگهجي، جڏهن ته عدالت پاران اها درخواست رد ڪئي وئي آهي

سترنهن آڪٽوبر تي عدالت ۾ ان ڪيس جي ٽرائل جو امڪان آهي جتي ٻئي ڌريون آمهون سامهون ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.