موبائيل جي استعمال ملڪ جي ماڻهن تي ڪهڙا اثر ڇڏيا؟ نئين رپورٽ ۾ دلچسپ انڪشاف

اڌ کان وڌيڪ ماڻهن جي راءِ موجب موبائيل جي استعمال سان زندگي آسان ٿي وئي آهي

پاڪستان جي ٽيهتر سيڪڙو مردن ۽ عورتن جو خيال آهي ته موبائيل ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي سان زندگي بهتر ۽ آسان بڻجي وئي آهي جڏهن ته ان سان ماڻهن کي وڌيڪ مالي سهولت به ملي آهي

تازي رپورٽ موجب سموري ايشيائي خطي جي تازي رپورٽ ثابت ڪيو آهي ته ٻيانوي سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته موبائيل ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي سان زندگي آسان ٿي وئي آهي

موبائيل نيٽورڪ پاران پاڪستان، بنگله ديش، ويتنام، ٿائي لينڊ، فلپائن، ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب موبائيل ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي سان عورتن جي سڀ کان وڌيڪ زندگي آسان ٿي وئي آهي

تحقيق ۾ سمورن ايشيائي ملڪن مان اٺ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو سروي ڪيو ويو جڏهن ته سوالن جي نوعيت به مختلف هئي

سوالن ۾ سمورن ملڪن جي ٻهراڙي ۽ شهري علائقي جا واهپيدار شامل هيا جڏهن ته ان ۾ اڌ انگ عورتن جو هو ۽ هر عمر جا ماڻهو شامل هيا

نتجين مان ڄاڻ ملي آهي ته پاڪستان ۾ گذريل ٻن سالن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي جي استعمال ۾ اٺٽيهه سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي جڏهن ته ان سان پاڪستان کي مالي خودمختاري به ملي آهي

سروي موجب اڻونجاهه سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي ڏينهن جو اڌ حصو يا ان کان وڌ موبائيل ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي سان گڏ گذاريندا آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.