گوگل ۽ ميٽا تي ڪروڙين ڊالرزڏنڊ لاڳو

ڏکڻ ڪوريا ۾ گوگل ۽ ميٽا تي ست ڪروڙ ڏهه لک ڊالرز جو مجموعي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. اهو ڏنڊ ٻنهي ادارن تي واهپيدارن جي خانگي معلومات انهن جي اجازت کانسواءِ استعمال ڪرڻ تي لڳايو ويو آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي پرسنل انفارميشن پروٽيڪشن ڪميشن پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته آمريڪي ادارا گوگل ۽ ميٽا وڏي عرصي کان واهپيدارن جي ڊيٽا استعمال استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته واهپيدارن جي استعمال ۽ ويبسائيٽس جي جاچ به ڪئي ويندي آهي

هنن چيو ته ان ڊيٽا کي آنلائن اشتهارن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ڏکڻ ڪورين واهپيدارن کان گوگل ۽ ميٽا ڪنهن به قسم جي اطلاع نه ڏني آهي ۽اجازت کانسواءِ ڊيٽا کي استعمال ڪندا آهن

ڏکڻ ڪوريا پاران گوگل تي چار ڪروڙ ستانوي لک ڊالرز ۽ ميٽا تي ٽي ڪروڙ اسي لک ڊالرز جو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي

ڏکڻ ڪوريا ۾ پرسنل انفارميشن پروٽيڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سڀ کان وڏو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.