اليڪشن ڪميشن ڪراچيءَ ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن 28 هين آگسٽ تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون هيون ۽ هاڻ نئين تاريخ جو اعلان ڪيو آهي.

اليڪشن موجب ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 23 هين آڪٽوبر تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.