پرڏيهه پڙهندڙ شاگردن لاءِ بري خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا پابندين جي ڪري پي آءِ اي سوڌو خانگي ائير لائنز سوڌو هڪطرفا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن.

ايوي ايشن ذريعن موجب چين لاءِ چارٽرڊ اڏامن جي ڪري ائير لائنز ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي آهي، قومي ائير لائن پي آءِ اي سوڌو ٻين ائير لائنز پاران ڀاڙن ۾ واڌ سان چين ويندڙ پاڪستاني شاگرد ڏکيائين جو شڪار ٿي ويا آهن.

شاگردن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي چين جو هڪ پاسي جو ڀاڙو 5 لک رپين تائين وٺي رهي آهي، ٽڪيٽ مهانگي ملڻ ڪري چين ويندڙ شاگرد رهجي ويا آهن جنهن سان تعليمي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي.

شاگردن حڪومت کان پي آءِ اي جي ڀاڙن ۾ لاٿ جو مطالبو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته چين ويندڙ چارٽرڊ اڏامون خالي واپس اچن ٿيون، ڪورونا کان پهرين شاگردن کي ڀاڙي ۾ 15 سيڪڙو رعايت به ڏني ويندي هئي، آپريشنل خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ڀاڙو وڌائڻ مجبور آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.