وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن جا بجلي بل معاف ڪرڻ جو اعلان

وزير اعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي ٻن مهينن جا بجلي بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ سبب متاثر ضلعي صحبت پور جو دورو ڪيو ۽ متاثرن ڪئمپ ۾ قائم اسڪول پڻ ويو ۽ ٻارن سان گفتگو ڪئي.

دوري دوران وزيراعظم عورتن کان مسئلن بابت معلومات ورتي ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي فوري طور سندن مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

بريفنگ دوران وزيراعظم متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن ۽ پاڻي جي نيڪالي وارو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ وبائي مرضن تي ظابطو آڻڻ ضروري آهي.

ان موقعي تي هن ٻوڏ متاثرن جي آگسٽ ۽ سپٽمبر جا بجلي بل معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٽي سئو يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کان فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز پڻ نه ورتا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.